اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علويءَ جلال پور، ايم فائيو موٽر وي تي روڊ حادثي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر ج?? پريس ونگ ??ان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت ان المناڪ حادثي ۾ فوتين جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته حادثي ۾ ٿيل زخمين کي هر ممڪن طبي ا??داد فراهم ڪئي وڃي. صدر مملڪت چيو ته حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪندي ۽ ٽريفڪ جي قانونن جي پاسداري ا??ڙن حادثن کان ??چڻ لاءِ انتهائي ا??م آهي. هن چيو ته اهڙن حادثن کان ??چڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. صدر مملڪت زخمين جي صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. صدر مملڪت حادثي ۾ فوتين جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ انهن جي صبر لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي