اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزير??عظ?? گذريل سالن دوران ٻطرفن لاڳاپن ۾ٿيندڙ مستحڪم اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت سميت ڪڻڪ جي پيداوار، چوپائي مال سميت لائيو اسٽاڪ، تعليمي ۽ تڪنيڪي تعاون، سڌوسنئون مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش ۽ ع??م کي ورجايو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ افغانستان مان پنهنجي شهرين ۽ ٻين ماڻهن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان جي بطور سهولتڪار ڪرار تي ٿورا مڃيا. وزير??عظ?? ان تعاون تي روشني وڌي جي??و پاڪستان افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان عالمي برادري سان جاري رکيو. وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت سان برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي اصولن تي ٻڌل پرامن لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ان ڏس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مو??ب منصفاڻو ۽ پرامن حل لازمي آهي. وزير??عظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري کي ان سلسلي ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته اهو ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ض??ور?? آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر وزير??عظ?? جا ٿورا مڃيا ۽ آسٽريليا ۽ پاڪستان جي وچ م مو??ود لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.