اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو جا??زو وٺڻ لاءِ ملڪ گير دورا ڪري رهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اڄ خميس ڏينهن ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪ??دو. صدر کي ڊيره غازي خان، نصيرآباد ۽ سک?? ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جا??زو وٺ??دو. صدر رليف ڪئمپن جو دورو ڪندو، ٻوڏ سٽيلن سان ملاقات ڪ??دو. صدر ٻوڏ متاثرين کي سهولتن جي فراهمي ۽ انهن کي درپيش مسئلا ڄاڻڻ جي لاءِ انهن سان ملاقاتون ڪ??دو. گذريل ڏينهن صدر خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثر??ن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪرڻ واري ڪوششن جو جا??زو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو هو. صدر قوم ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ متاثر??ن جي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. صدر ايندڙ ٻوڏ کان بچاءُ ۽ ٻوڏ متاثر??ن جي تيز تر بحالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو هو.