اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف جا ٿورا مڃيندي چ??و آهي ته دوستن جي مدد ??ان اسان ٻيهر بهتر نئين سر تعمير ڪنداسين. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ ازبڪستان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان جي عوام ضرورت جي هن گهڙيءَ ۾ مدد ڪرڻ جي ان جذبي جي ت??ام گهڻي قدر ڪري ٿي.