نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي چوٿين ڏينهن اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ??ندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچندو ۽ يو اين جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ??ندو. بعد ۾ وزيراعظم پنهنجي هالينڊ جي هم منصب مارڪ رٽي سان ??لاقات ۾ ٻطرفن معاملن تي ڳالهيُون ڪندو. منجهند جو وزيراعظم سان ??لالا فنڊ جي شريڪ باني ملالا يوسفزئي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪسن لي سان زوم ملاقات ۾ به شريڪ ٿيندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا ۾ پنهنجي پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کا??پوءِ لنڊن روانو ٿي ويندو.