اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ چوماسي جي تباهي آڻيندڙ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتگين جو مجموعي تعداد وڌي 1486 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 ماڻهو فوت ٿيا، برساتن جي موسم جي آغا کان هن وقت تائين 12749 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) معمول جي بنياد تي 24 ڪلاڪن جي صورتحال جي رپورٽ جاري ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيل شديد برساتن جي ڪري مجموعي طور تي جاني، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصانن جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب تيز برساتن ۽ طوفاني ٻوڏ سبب متاثر مختلف علائقن ۾ فوتگيون ٿيون آهن، بلوچستان ۾ قلعه سيف الله ۾ هڪ مرد، عورت ۽ ٻار فوت ٿيو، جڏهن ??ه ڪي پي ڪي جي ضل??ي ڪرم ۾ هڪ ماڻهو ۽ ٻار جي فوت ٿين ۽ هڪ ماڻهو جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، گلگت بلتستان، پنجاب، سنڌ ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪو به حادثو يا نقصان ناهي ٿيو، انگن اکرن موجب تيز برساتن سان بلوچستان ۾ 300 ڪلوميٽر رستن کي نقصان پهتو جڏهن ??ه 10336 چوپايو مال مري ويو جڏهن ??ه تيز برساتن جي واقعن ۾ 5091 گهرن کي نقصان پهتو جنهن ۾ 2166 مڪمل طور تي تباهه ۽ 2925 کي جزوي نقصان پهتو، هن وقت تائين ٿيندڙ مجموعي نقصانن موجب گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن صوبن جي مختلف ضلعن ۾ تيز برساتن جي ڪري تقريبن 12718 ڪلوميٽر روڊ، 390 پل ۽ 1760372 گهرن ۽ 918473 چوپائي مال کي نقصان پهتو آهي، اين ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 81 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو جنهن ۾ تقريبن 33,046,329 ماڻهو متاثر ٿيا، مختلف امدادي ڪاررواين ۾ 179281 ماڻهن کي بچايو ويو ۽ 546288 ماڻهو ڪيمپن ۾ رهن پيا. نقصانن جي ڪاٿي لاءِ بلوچستان جي 30 ضلعن ۾ گڏيل سر??ي شروع ڪيو ويو ۽ سر??ي لاءِ 32 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن، 25 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، گلگت بلتستان ۾ 4 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن ??نهن 12 سيپٽمبر کان سر??ي شروع ڪئي ۽ 20 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، پنجاب ۾ ٽي سر??ي ٽيمون فيلڊ ۾ مقرر ڪيون ويون آهن ??نهن 12 سيپٽمبر کان سر??ي جو آغاز ڪيو ۽ 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، خيبرپختونخوا ۾ تقريبن 6 ٽيمون سر??ي شروع ڪرڻ لاءِ موجود آهن ??يڪي 15 سيپٽمبر کان شروع ٿي ۽ 15 آڪٽوبر تائين مڪمل ڪيو ويندو، سنڌ ۾ سر??ي جو عملي طور تي 25 سيپٽمبر کان آغاز ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي.