اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل فلڊ رسپانس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (اين ايف آر سي سي) ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن، ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، ٻوڏ سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران انفراسٽرڪچر کي ڪو نقصان ناهي پهتو جڏهن ته مجموعي طور تي 12 هزار 718 ڪلوميٽر روڊن، 390 پلن کي نقصان پهتو، چئني صوبن ۾ 23 ضلعا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. اين ايف آر سي سي مطابق اڄ ملڪ جي اڪثر حصن ۾ موسم جزوي طور تي جهڙالي رهڻ جي توقع آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبرپختونخوا، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلت??تا?? ۽ پسگردائي وارن جبلن ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڏکڻ ۽ اوڀر سنڌ، مٿانهين خيبرپختونخوا ۽ اوڀر پنجاب جي ٻين علائقن ۾ وچولي برسات پئي. گذريل ڏينهن وڌ کان وڌ گرمي پد تربت ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ، سبي 41 ۽ نوڪنڊي ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. سنڌ جي سڀني کان وڌيڪ متاثر ضلعن ۾ قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، خيرپور، دادو، نوشهرو فيروز، ٺٽو ۽ بدين جڏهن ته بلوچ??تا?? ۾ ڪوئٽا، نصير آبا، جعفرآباد، جهل مگسي، بولان، صحبت پور ۽ لسبيلا، ڪي پي ڪي ۾ دير، سوات، چارسده، ڪوه??تا??، ٽانڪ ۽ ڊي آءِ خان ۽ پنجاب ۾ ڊي جي خان ۽ راجن پور شامل آهن. مختلف علائقن مان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ هن وقت ??ائ??ن 526 آرمي ايوي ايشن هيليڪاپٽر اڏامون هلايون ويون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 اڏامن ذريعي 34 ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو ويو ۽ 16.4 ٽن امدادي امدادي سامان ٻوڏ متاثرن ??ائ??ن پهچايو ويو. هن وقت ??ائ??ن هيليڪاپٽر ذريعي 4604 ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي. هن وقت ??ائ??ن سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچ??تا?? ۾ 147 ريليف ڪيمپون ۽ 284 ريليف ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيون ويون آهن. هن وقت ??ائ??ن 8498.8 ٽن عام واهپي جي شين سان گڏ 1462.2 ٽن غذائي شيون ۽ 78 لک 93 هزار 30 دوائون جمع ڪيون ويون آهن جڏهن ته 8219 ٽن خوراڪ، 1419.4 ٽن غذائي شيون ۽ 77 لک 54 هزار 290 دوائون ورهايون ويون آهن. 300 کان وڌيڪ ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون آهن جن ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 26 هزار 365 مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي ۽ 3 کان 5 ڏينهن جون مفت دوائون فراهم ڪيون ويون آهن. پاڪ??تا?? نيوي 04 فلڊ ريليف سينٽرز، 18 ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا. 16 هزار 31 ماڻهن لاءِ 09 ٽينٽ سٽيز قائم ڪيون ويون آهن. مختلف ضلعن ۾ 1462 ٽن راشن، 4896 ٽينٽ ۽ 6 لک 20 هزار 777 ليٽر منرل/ مٺو پاڻي ورهايو ويو. پاڪ??تا?? نيوي جي 23 ايمرجنسي رسپانس ٽيمن 54 موٽر بوٽس ۽ 2 هوور ڪرافٽس سان 10 ضلعن ۾ ڦاٿل 15 هزار 174 ماڻهن کي بچايو. پاڪ بحريا سنڌ ۾ 02 هيليڪاپٽر مخصوص ڪيا آهن. هن وقت ??ائ??ن 59 اڏامن ۾ 471 ڀيرا ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن ??ائ??ن پهچايو ويو. 4631 پيڪيٽ راشن ورهايو. پاڪ??تا?? بحريا جي 8 ڊائيونگ ٽيمن سڄي پاڪ??تا?? ۾ 27 ڊائيونگ آپريشنز پڻ ڪيا آهن. پاڪ بحريا 63 ميڊيڪل ڪيمپن 53 هزار 853 مريضن جو علاج ڪيو. پاڪ بحريا مختلف اڏامن ذريعي 4848 ريليف ڪيمپ، 20 ٽينٽ سٽيز ۽ 45 ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون جن ۾ هن وقت ??ائ??ن سڄي ملڪ ۾ 55 هزار 389 مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ گڏيل عرب امارتن، ترڪيه، چين، ازبڪ??تا??، قطر، فرانس، يونيسيف، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايچ سي آر)، ترڪمان??تا??، اردن، خوراڪ جي عالمي اداري، آمريڪا، نيپال ۽ سعودي عرب مان اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪ??تا?? پهتيون آهن.