ڪراچي – 15 – ??يپ??مبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي ت??بيت واري وفاقي وزارت تي زور ڏنو آهي ته آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيور??ٽي (ايف يو يو اي ايس ٽي) ڪراچي جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيور??ٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يونيور??ٽي جي سينيٽ ميمبرن، وفاقي ت??ليم واري وزارت جي نمائندي ۽ ايڇ اي سي جي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيور??ٽي جي سينيٽ تي زور ڏنو ته اها ترقين، پگهارن جي عدم ادائيگي، وائيس چانسلر جي مقرري ۽ يونيور??ٽي جي ايندڙ سينيٽ جي لاءِ نامزدگي ڪميٽي جي جوڙجڪ بابت معاملن تي سينيٽ جي هر ميمبر ۽ لاڳاپيل ڌرين جي راءِ ۽ تجويزن کي نظر ۾ رکندي اتفاق راءِ تي ٻڌل فيصلا ڪري. اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين کي يونيور??ٽي جو وقتي وائيس چانسلر پڻ مقرر ڪيو ويو جيڪو مستقل وائيس چانسلر جي مقرري ت??ئين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو. وقتي وائيس چانسلر پاليسي سان لاڳاپيل معاملن کي قانوني ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ڏانهن موڪليندو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد کي يونيور??ٽي جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ جوڙيل سرچ ڪميٽي جو چيئرپر??ن مقرر ڪيو ويو. ڪميٽي کي مشورو ڏنو ويو ته اها مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي سفارش ڪرڻ جي لاءِ ٽائيم لائين جي بنياد تي اڳي وڌي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چئن مهينن کانپوءِ فيصلن جو جائزو ورتو ويندو.