اسلام آباد– 24 ??? ن??مبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان قطر جي پاڪستان ۾ سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل آل ثاني ملاقات ڪئي آه??. پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فيفا ورلڊ ڪپ منعقد ڪرڻ تي قطر جي سفير کي مبارڪباد ڏن??. پ??ڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردا??ي کي قطر جي پرڏيهي وزير جي فيفا ورلڊ ڪپ مئچ قطر ۾ ڏسڻ جي دعوت پهچائي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قطر سان پاڪستان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري، گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل تاريخي لاڳاپا قائم آهن.