ڪراچي – 20 – جنوري (اي ??ي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي اڳواڻ علي نواز جنجوعه سان س??دس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري علي نواز جنجوعه سان س??دس والده جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته توهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. الله تعاليٰ مرحومه جي مغف??ت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.