اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي تمغه 2022ع جي نالي سان نئون تمغ?? عطا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ا??وا?? صدر جي پريس ونگ موجب صدر نئون تمغ?? عطا ڪرڻ جي منظوري ??عزاز ايڪٽ 1975ع تحت ڏني آهي. پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي تمغو 2022ع پاڪ فوج، سول فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ماڻهن کي پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ سياسي حدن جي دفاع ۾ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو، تمغو عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين طور تي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو. اهو تمغو پاڪست??ن قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه 14 آگسٽ 2022ع کان نافذ العمل هوندو.