اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اڄ جمعي کان سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪ??لمبو جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزير سريلنڪا جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ۾ خاص مهمان ??ي حيثيت سان شرڪت ڪندي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ هو پنهنجي هم منصب سميت سريلنڪا جي قي??دت سان ملاقات ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، جيڪي ٻطرفي تعاون جي سڀني رخن ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ٻن??ي ملڪن سارڪ سميت گهڻ رخي فورمز ۾ به گڏجي ڪم ڪيو آهي. مملڪتي وزير حنا رباني کر جو سريلنڪا جو دورو ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ مشڪل وقت ۾ سريلنڪا جي لاءِ پاڪستان ??ي حمايت جو پيغام ڏيندو.