رياض-29مئي (اي پي پي ) خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز صحتياب ٿيڻ کانپوءِ سعودي ڪابينه جي سيشن جي وڊيو ڪال ذريعي صدارت ڪئي .ان موقعي تي سعودي ولي عهد پنهنجي خاندان سعودي عوام ۽ دوست ملڪن جي اڳواڻن پاران انهن جي جلد صحتيابي لاءَ نيڪ خواهشن ۽ دعا ج?? پيغام تي شڪريو اداڪيو العربيه اردو موجب اجلاس دوران سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان ۽ ڪابينه جي ميمبرن شاهه سلمان ??ي صحتيابي تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ان ??ي صحتيابي لاءِ د??ا ڪئي اجلاس دوران ڪابينه کي سينيگال ??ي صدر پاران ساهه سلمان کي موڪليل پيغام ۽ ولي عهد جي جاپاني وزيراعظم ۽ فرانسيسي صدر سان ڳالهه ٻولهه تي بريفنگ ڏني وئي اجلاس ۾ فيوچر ايوي ايشن 2024 جي رياض ۾ڪاميا?? انعقاد تي مبارڪباد ڏني وئي جنهن ۾ هوا بازي جي شعبي لاءِ انتهائي اهم هڪ سو کان به وڌيڪ سمجهوتن تي صحين کان سواءِ وڏي سيڙپڪاري جو اعلان به ڪيو ويو ڪابيانا مملت ۾ هوا مان بجلي جي پيداوار جي شعبي ۾ ڪاميابي حاصل ڪر?? ، ??جلي جي پيداواري لاڳت ۾ گهتتائي ۽ صاف توانائي جي ٻين ذريعن کي اختيار ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيو اجلاس ۾علاقائي ۽ عالمي حالتن جو جائزووٺندي عالمي برادري تي زور ڏنو ويو ته اسرائيل پاران عالمي قراردادن ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزيون روڪڻ لاءِ د??ل اندازي ڪئي وڃي .