اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۽ قوم جي بهترين مفاد ۾ ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي قانو??سا??ي ڪرڻ وڃي رهي آهي، ان اهم معاملي تي به مخالف ڌر ملڪي مفاد کي مٿانهون رکندي سياست چمڪائي رهي آهي ۽ مخالف ڌر ايف اي ٽي ايف بل جي آڙ ۾ اين آر او وٺڻ چاهي ٿي، مخالف ڌر جي ڪنهن بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين، نواز شريف لنڊن ۾ علاج ته پري جي ڳالهه ايڪسري تائين ناهي ڪرايو پر ٽيسٽ رپورٽس جي نتيجن ۾ جعلسازي ڪئي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نواز شريف کي و??پس اچڻ گهرجي، ان تي جيڪي الزام آهن انهن جو جو??ب ڏي ۽ پنهنجا معاملا عدالت جي سامهون رکي، نواز شريف کي و??پس آڻڻ لاءِ سمورا قانوني ذريعا استعما ڪنداسين. اهڙن خيالن ??و اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.