اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊ??ڪٽ?? فردوس عاشق ا??واڻ چيو آه?? ته محمد نواز شريف کي طبي بنيادن تي ضمانت ۽ سزا معطلي جي عدالتي فيصلي کي حڪومت تسليم ڪري ٿي، اڃا تائين نواز شريف پاران ٻاهرئين ملڪ علاج جي درخواست ناهي آئي. ميڊيا بريفنگ دوران مختلف سوالن جي جواب ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊ??ڪٽ?? فردوس عاشق ا??واڻ چيو ته ميان محمد نواز شريف جي 8 هفتن جي لاءِ طبي بنيادن تي ضمانت منظور ۽ سزا معطل ٿي وئي آه??، پنجاب جو وڏو وزير ۽ نيب جا عملدار پڻ عدالت ۾ موجود هئا، اهو مسلسل هڪ عمل هلي رهيو هو.