اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چي?? آهي ته قوم کي خاطري ڪرايون ٿا ته ڪرونا وائرس ??ي وبا جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ سڄي قوم کي گڏ کڻي هلنداسين، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو وي?? آهي، ان ۾ سمورن صوبن کي به گهرايو وي?? آهي جنهن ۾ ان حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا، هر ملڪ ان بيماري جي خلاف پنهنجي طور قدم کڻي رهي?? آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڪرونا وائرس ??ي حوالي سان اٿاريل اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته واقعي وڏي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، حڪومت ان صورتحال کان آگاهه آهي ۽ قدم کنيا پيا وڃن.