اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جانورن جون منڊ??ون قائم ڪرڻ بابت طريقيڪار صوبن سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ضروري صحت، گائيڊ لائين ۽ تجويزون ??ام?? آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪنهن به جڳهه تي شهر جي اندر منڊي نه لڳائي ويندي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1979 مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، وڌيڪ 50 ڪورونا متاثر ما??هو فوت ٿيا، سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 70 هزار 656 ما??هو ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ 77 هزار 628 ڪورونا ايڪٽو ڪيسز آه??. گ??ريل 24 ڪلاڪن دوران 21 هزار 20 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن ۾ سنڌ جا 8 هزار 930، پنجاب جا 7 هزار 375، خيبرپختونخواهه جا 2 هزار 98، بلوچستان جا 204، گلگت بلتستان جا 62 ۽ آزاد ڪشمير جا 337 ٽيسٽ ??ام?? آهن. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي.