اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ترڪيءَ جي صدر رجب طي?? اردوان صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عيد??لا??حيٰ جي مبارڪ موقعي تي کيس مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پڻ ترڪي جي صدر رجب طي?? اردوان کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر سان ڳالهه ٻولهه دوران ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته هن سال عيد??لا??حيٰ مشڪل حالتن ۾ ملهائي پئي وڃي ۽ دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ڪوويڊ 19 عالمي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. هن پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ڪوويڊ 19 جي خلاف جنگ ۾ معاونت فراهم ڪرڻ تي ترڪيءَ جي اڳواڻ جي ڪردار کي ساراهيو. ڳالهه ٻولهه ?? ٻنهي اڳواڻن چي?? ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي غيرقانوني طور تي ڀارت جي عتاب هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت تي روشني وڌي ۽ چي?? ته ڀارتي مسلمان خوف ۽ امتيازي سلوڪ جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.