اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چي?? آهي ته راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور شهر جي بحالي، وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ لاهور سميت سڄي صوبي ۾ معاشي عمل کي تيز ڪرڻ جي حوالي سان اهم منصوب?? آهي، ان منصوبي سان نوڪريون ۽ معاشي سرگرمين جا بي انتها موقعا پيدا ٿيندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن پن??نجي صدارت هيٺ راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ تي عملدرآمد ۾ هن وقت تائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.