ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، بدعنوان عنصر جيڪو مرضي ڪري وٺن اين آر او نه ملندو، چا??يو?? ٿا ته خبر پوي ته اسامه بن لادن ڪنهن کي پئسا ڏنا هئا. ساهيوال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ تمام گهڻو پئسو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو نمائندو ڪ??وڙين رپيا وٺي پنهنجو ضمير وڪرو ڪ??ي ٿو ته اهو عوام جي نمائندگي ڇا ڪندو، ان لاءِ اسان آئيني ترميمون چا??يو?? ٿا ته جيئن بيلٽ اوپن ٿئي. اسان گذريل چونڊن ۾ پئسا وٺندڙ ڪارڪنن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته هينئر به سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي حوالي سان سرگرميون جاري آهن. سينيٽ پارليامينٽ جو مٿيون ايوان آهي جنهن جو تمام گهڻو تقدس آهي. هن چيو ته اسان وٽ ٻه ڀا??ي ٽي اڪثريت نه آهي پر اسان پوءِ به سينيٽ اليڪشن شفاف بڻائڻ جي لاءِ بل پيش ڪنداسين.