اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سياسي معاملن وارو خاص ??ددگار ملڪ ع??مر ڊوگر، قومي اسيمبلي ميمبر محمد اسرار ت??ين، خالد حسين مگسي، احسان الله ريڪي ۽ روبينه عرفان موجود هيون، ان موقعي تي بجيٽ معاملن، وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان جي ويزن تحت وڏن منصوبن، ايگريڪلچر ڊولپمنيٽ پلان ۾ بلوچستان جي زراعت جي ش??بي جي ترقي، تعليم ۽ صحت جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.