اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناروي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي تعاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ناروي جي عهدو ڇڏ??ندڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ن??روي جي گڏيل مفاد لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا امڪان موجود آه??، ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي تعاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آه??. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ ناروي جي ڪمپنين جي موجودگي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ واپاري لاڳاپن جو چٽو ثبوت آه??. سکر ۾ سولر پلانٽ جي تعمير جي لاء?? نظام انرجي ۽ ن??رويجن اسڪيٽڪ سولر جي وچ ۾ سهڪار مثبت اڳڀرائي آه??. منصوبي سان ناروي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جو ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ملندي. صدر ڀارتي غير قانوني و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمان آبادي جي خلاف ڀارتي ظلم تي به روشني و??هندي چيو ته عالمي برادري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي ان جو خودمختياري و??رو حق ڏيڻ جي پنهنجي و??عدي تي عملدرآمد ڪرائي. صدر لاهور ۾ تاريخي و??ثي جي بحالي ۽ تحفظ تي ناروي جي حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان ۾ ناروي جي عهدو ڇڏ??ندڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن کي پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شعبن ۾ سرڪاري سطح تي نجي شعبي ۾ رابطا قائم ڪري خاص طور تي معيشت ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو.