اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مجموعي ۽ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اسلام جي تصور موجب عورتن جي ملڪيت جي حقن جي تحفظ ۽ فراهمي جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرور?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن کي عورتن جي حقن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم جي لاءِ عالم سڳورا ۽ ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عورتن کي حقيقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اه??ن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، قانون ۽ انصاف واري پا??لي??ماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. عورتن جي ملڪيتن جي حقن جي قانون 2020ع کي لاڳو ڪرڻ جو حوالو ڏيندي صدر قانونسازي جي ان قدم کي عورتن کي انهن جا حق ڏيڻ ۾ هڪ مثبت قدم قرار ڏنو ۽ سمورن صوبن ۾ هڪ جهڙن قانونن جي ضرور?? تي زور ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته انفورسمينٽ آف وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع هڪ موثر ۽ تيزي سان شڪايت جي ازالي جو طريقيڪار پيش ڪيو آهي جنهن تحت ڪ?? به عورت جيڪا جائيداد جي ملڪيت يا پنهنجي جائيداد جي قبضي کان محروم آهي اها محتسب کي اپيل داخل ڪري سگهي ٿي. هن عورتن جي جائيداد جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ متبادل تڪرارن جي حل جي طريقيڪار کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرور?? تي پڻ زور ڏنو. صدر عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت منصوبن کي اسٽريم ل??ئي?? ڪرڻ جي ضرور?? تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي حقيقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ انهن کي احساس پروگرام ۽ استيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذريعي دستياب قرضن ۽ ٻين سهولتن بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي عمر ايوب خان صدر کي عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ مختلف ملڪن پاران پاڪستان کي عورتن جي لاءِ ڏني ويندڙ گهڻ رخي ۽ ٻطرفن فنڊز ۽ قرضن بابت آگاهه ڪيو. صدر ان سلسلي ۾ عالمي ادارن ۽ ملڪن پاران مالي معاونت کي ساراهيو.