واشنگٽن-26 اپريل(اي پي پي)اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ??سرائيلي فوج خلاف غزه ۾ جاري فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف احت??اج ڪندڙ آمريڪي شاگردن تي تنقيد ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب نيويارڪ شهر ۾ پنهنجي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪي تعليمي ادارن ۾ غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارواين کي روڪڻ جي مطالبن تي مشتمل پر امن ??ظاهرا اصل ۾ يهودين سان نفرت جو اظهار آهن.جن جي آءُ شديد لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو. ڊونلڊ ٽرمپ ??عويٰ ڪئي ته موجوده پرامن جنگ مخالف مظاهرن جو مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي، هن وقت جنهن نفرت جو مظاهرو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي اهو اڳ ڪڏهن به نه آيو آهي.