اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر شب??ر شريف شهيد نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر شب??ر شريف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ به??دري جي تاريخ لکي، قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ملڪ جي لا??ِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ميجر شب??ر شريف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ به??دري جو شاندار مثال هو، 1971ع جي جنگ ۾ ميجر شب??ر شريف شهيد سلمانڪي ۾ دشمن کي اڳيان وڌڻ کان روڪي رکيو. وزيراعظم چيو ته ميجر شب??ر شريف شهيد نه رڳو پنهنجي هدف جي حفاظت ڪئي، دشمن جي ٽينڪن کي ٽينڪ تباهه ڪندڙ رائيفل سان ناڪاره بڻايو پر ڪمپني ڪمانڊر سميت دشمنن کي ختم ڪري ڇڏيو. طاقت جي نشي ۾ ٻُڏل پنهنجي عددي برتري جي باوجود دشمن ميجر شب??ر شريف شهيد جي موثر جواب جو مقابلو نه ڪري سگهيا. وزيراعظم چيو ته ميجر شب??ر شريف شهيد نشان حيدر ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ماڻي. ميجر شب??ر شريف شهيد نشان حيدر پاران وطن سان محبت ۽ ملڪ جي دفاع لا??ِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻ نوجوان نسل جي لا??ِ قابل تقليد آهي. هن چيو ته ميجر شب??ر شريف شهيد نشان حيدر جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض شناسي دشمن جي عددي برت??ي کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم کي ميجر شب??ر شريف شهيد نشان حيدر ۽ سندس گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند قوم ملڪ جي دفاع لا??ِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي به??در نوجوانن جون قربانيون ڪڏهن به نٿي وساري سگهي. ميجر شب??ر شريف شهيد جي فرض شناسي ۽ وطن سان وفاداري جو مثال پُوري ڄمار تائين ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندو رهندو.