اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) منصوبابندي?? ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد ع??ر چيو آهي ته اسان کي وبا کي به روڪڻو آهي ۽ ماڻهن جو معاشي تحفظ به ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا پکڙي ضرور آهي پر قابو کان ٻاهر ??اه?? ٿي، حڪومت پاران رڳو ڪجهه هفتن ۾ 80 لک خاندانن ۾ سوا ارب رپيا ورهايا ويا آهن، بجلي جي بلن، پاڪستان جي آبادگارن ۽ صحت جي شعبن سميت ٻيا رليف پئڪيج ان کانسواءِ آهن، ان صورتحال مان سرخرو ٿي اسان تڏهن ئي نڪري سگهنداسين جڏهن اسان اتحاد ۽ يڪجهتي سان گڏجي هلنداسين، چار ئي صوبائي حڪومتون، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جون حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. قومي اسي??بل?? ۾ ڪورونا وائرس تي بحث کي سهيڙيندي وفاقي وزير اسد ع??ر چيو ته ڪجهه تقريرن ۾ سٺيون تجو??زو?? آيون. امير حيدر هوتي سٺيون تجو??زو?? ڏنيون ۽ سوال به اٿاريا.