اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي توانائي واري وزارت جي ??يزل ۽ پيٽرول جي درآمدات کي يورو V معيار موجب ڪرڻ جي سفارشن جي منظوري ڏني وئي، انهن مصنوعات ۾ سلفر جي ??هٽ مقدار جي ??ري فضائي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۾ مد?? ملندي، ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ميداني علائقا سردين ۾ ڌنڌ (سموگ) جو شڪار رهندا آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيٽروليم ڊويزن ??لڪ ۾ موجود تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن سان يورو V کي ??لڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ گڏجي ??م ڪندي، ڪابينا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پهرين آگسٽ 2020ع کان پوءِ آئل ڪمپنين کي صرف يورو V پيٽرول درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي، ڪابينا ڪميٽي جي فيصلي موجب جنوري 2021ع کان صرف يورو V ڊيزل درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا ت??صي??ي پلان تيار ڪندا.