اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان ??ور??نا وائرس جي مريضن جي لاءِ بيڊز ۽ آڪ??يج?? جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته علائقائي ۽ عالمي تجربي کي سامهون رکندي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ??ور??نا جي روڪٿام جي حوالي سان اختيار ڪيل حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن، سمارٽ ل??ڪ ڊائون جي حڪمت عملي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مقامي اڳواڻن ۽ ڪميونٽي جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ٽائيگر فورس جون خدمتون به حاصل ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ ??ور??نا جي صورتحال ۽ وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان اختيار ڪيل حڪمت عملي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ?? ??ور??نا جي صورتحال، سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ آڪ??يج?? بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي صورتحال، آڪ??يج?? جي طلب ۽ سپلاءِ، ملڪ جي وڏن شهرن جي متاثر علائقن ۾ سمارٽ ل??ڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ ۽ عيدالاضحيٰ جي حوالي سان تيار ڪيل ايس او پيز بابت معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. وزير??عظ?? کي چئني صوبن، آزاد ڄمن ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اسپتالن ۾ ڪوويڊ جي لاءِ مخصوص بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.