پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن جي 5 رڪني وفد جو پارليامينٽ هائوس جو دورو

image
APP45-200122 ISLAMABAD: January 20 - Delegation Of Pakistan Television Corporation Limited, Islamabad Visiting Senate Museum At Parliament House. APP

اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن جي 5 رڪني وفد پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. پارليامينٽ هائوس اچڻ تي سينيٽ عملدارن وفد جي آجيان ڪئي. وفد کي سينيٽ ميوزيم جو دورو ڪرايو ويو ۽ سينيٽ جي ڪم جي طريقيڪار، قانونسازي ۽ پارلياماني معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفد سينيٽ ميوزيم ۾ ملڪ جي مشهور سياستدانن جي مجسمن ۽ تاريخي تصويرن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد کي وفاقي يونٽس جي وچ ۾ قومي هم آهنگي جي فروغ لاءِ سينيٽ جي ڪردار کان آگاهه ڪيو ويو. وفد استقبال تي سينيٽ عملدارن جو ٿورو ادا ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ