اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فو??گيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 62 فو??گيون ٿيون جنهن مان 40 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا هڪ هزار 72 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 62 ماڻهو ان وائرس سبب فو?? ٿيا جن مان 54 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 8 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فو?? ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 37 سيڪڙو، لاهور ۾ 33 سيڪڙو، پشاور 24 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 21 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 31 هزار 713 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 599، پنجاب ۾ 11 هزار 273، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 10، اسلام آباد ۾ 4 هزار 428، بلوچستان ۾ 611، گلگت بلتستان ۾ 361، آزاد ڪ??مي?? ۾ 431 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 14 هزار 951 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪ??مي?? ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 256 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 30 هزار 512 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 57 هزار 591 آهي جن مان آزاد ڪ??مي?? ۾ 9 هزار 291، بلوچستان ۾ 18 هزار 891، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 920، اسلام آباد ۾ 42 هزار 188، خيبرپختونخواهه ۾ 68 هزار 786، پنجاب ۾ 1 لک 61 هزار 757 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 51 هزار 758 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فو?? ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 128 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 157 فو??گيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 مريض اسپتالن ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فو?? ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 948 فو??گيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 4 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيا، ??يبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 970 فو??گيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيا، ??سلام آباد ۾ ڪل 481 فو??گيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيو. بلوچستان ۾ 197 فو??گيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيو. گلگت بلتستان ۾ 102 فو??گيون، آزاد ڪ??مي?? ۾ ان وائرس سبب 273 فو??گيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 82 لک 88 هزار 91 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 168 مريض علاج هيٺ آهن.