اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) خادم حرمين شريفين شاهه سل??ان بن عبدالعزيز صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ڪووڊ – 19 مان جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر جي نالي پنهنجي هڪ پيغام ۾ سعودي فرمانروا شاهه سل??ان بن عبدالعزيز چيو آهي ته اسان کي توهان جي ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي، اسان توهان جي سدائين بهتر ص??ت، خوشي ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. واضح رهي ته ص??ر عارف علوي جو 29 مارچ تي ڪورونا ٽيسٽ مثبت ??يو هو. ان کان اڳ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سل??ان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ تي کيس به بهتر صحت ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام موڪليو هو