اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان اسلام آباد ۾ بنا سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪري وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪاروباري سرگرمين، ترقياتي ڪمن ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جو ج??ئزو ورتو. وزيراعظم ٺيلهو هڻندڙن سان ملاقات ڪري انهن کان حالتون معلوم ڪيون، شهرين وزيراعظم کي اوچتو پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو. وزيراعظ?? عمران خان بنا پروٽوڪول گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪر?? جي اليون مرڪز جو دورو ڪيو ج??ي هن ٺيلهي وارن کان انهن جون حالتون معلوم ڪيون، ٺيلهي وارن احساس پروگرام تحت جڳهه فراهم ڪرڻ تي وزيراعظ?? عمران خان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته توهان پهريان وزيراعظم آهيو جنهن عام مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جو احساس ڪيو، ٺيله?? جي لاءِ جڳهه فراهم ڪرڻ تي حڪومت جا ٿورا مڃون ٿا، وزيراعظ?? عمران خان ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي تاڪيد ڪئي ۽ چيو ته سڀ ماسڪ جو استعمال لازمي ڪن ۽ ڪاروبار سان گڏوگڏ پاڻ کي ان وبا کان به بچائين، وزيراعظم ضرورت جي شين جي قيمتن جو پڻ جائزو ورتو، شهرين وزيراعظم کي اوچتو پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو، وزيراعظم پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪندي ۽ عام شهري وانگر سگنلز تي رڪندي آئي نائين پڻ ويو ج??ي هن سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ جو پڻ معائنو ڪيو.