اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چي??رمين محمد صادق سنجراڻي سان آذربائيجان جي سفير ??ارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب آذربائيجان جي سفير علي آليزاده سينيٽ چي??رمين سان سندس پڦي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ ڪور??نا وبا جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به بحث ٿيو، سينيٽ چي??رمين چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپاري تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، معاشي تعاون سان ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ سيڙپڪارن کي ويجهو آڻڻ جو موقعو ملندو، گڏيل لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جو فروغ نهايت ضروري آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان سدائين هڪ ٻئي جي موق?? جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. ناگورنو، ڪاراباخ ۽ ڪشمير ??سئلي تي ٻنهي جو تعاون ويجهي لاڳاپن جو ثبوت آهي.