اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سا?? صنعتي ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي انڊسٽريل زونز جي تعمير، برآمدي هدف حاصل ڪرڻ، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي ترقي جي لاءِ قدمن ۽ آٽو پال??سي تي عملدرآمد تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار هلندڙ مالي سال جي لاءِ طئي ??يل هدف کان وڌي وڃڻ جي اميد آهي جيڪا ملڪي اقتصادي صورتحال جي لاءِ خوش آئنده آهي.