اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو آهي، پاڪستان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي، حڪومت سيليڪون ويلي ۽ ايمزو?? جي ماهرن طرفان نشاندهي ڪيل رڪاوٽن کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن جا تمام گهڻا بهترين اثرن پوندا.
اهڙن خيالن جو اظهار هن تباد ليب جي پاليسي ورڪنگ پيرز جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ ٽيڪنيڪي شعبي ۾ پاڪستا?? جي ترقي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ مسئل?? جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ مستقبل ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ قدم?? جي سفارش ڪئي وئي، هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ وسيلا تمام ضروري هندا آهن، ملڪ ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ٻار?? جي تعليم سان گڏوگڏ انه?? جي تربيت تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته هو مسلسل مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سميت ٻي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي ز??ر ڏئي رهيو آهي ڇو ته اهو معلومات جو خزانو آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال جيترو دير سان ٿيندو ان سان ملڪ جو نقصان ٿيندو، پاڪستان ڪجهه وقت ضايع ڪيو آهي تنهن هوندي به هاڻي اسان به ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو آهي، آءِ ٽي جو شعبو سڄي دنيا ۾ تيزي سان تري ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي.
هن آن لائن تعليم کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو ته اهو گهٽ لاڳت جو منصوبو آهي ان سان نوجوان?? جي داخلا ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪ??رو??ا وبا جي دوران آن لائين طريقي سان خدمتون حاصل ڪرڻ جا تجربا ڪيا ويا، هن چيو ته پاڪستان جا 30 هزار گريجوئيٽس مان 25 هزار ان لاءِ بي روزگار رهندا آهن انه?? جي تعليم مارڪيٽ جي ضرورتن سان هڪجهڙائي نٿي رکي، صدر چيو ته جاپا?? جي اڳوڻي وزيراعظم ان کي پاڪستان ۾ هڪ لک آءِ ٽي گريجوئيٽس جون ملازمتون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر بدقسمتي سان ملڪ ۾ ان معيار جا گريجوئيٽس موجود نه آهن، هن چيو ته آءِ ٽي گريجوئيٽس جي نوڪرين لاءِ ٻاهرين ملڪ منتقل نه ٿيڻ گهرجي پر کين ملڪ ۾ رهي ڪمائڻ گهرجي ڇو ته انه?? جي ٻاهرين ملڪ منتقلي سان ملڪ انهن تي ڪيل سيڙپڪاري جو نقصان کڻندو.
صدر چيو ته هن اهو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ٽرينرز کي تربيت ڏيڻ لاءِ هڪ پروگرام شروع ڪرڻ جو آئيڊيا ڏنو هو پر اڃان تائين حاصل نه ٿي سگهيو، اها سڀ مجرماني غفلت آهي، هي ملڪ جي مستقبل سان جڙيل آهي. صدر چيو ته هو يونيورسٽن کي انساني وسيلن تي سيڙپڪاري جي بار بار تاڪيد ڪندو آهي ته جيئن اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ وڌ کان وڌ داخلا ڪري سگهجن. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي جديد وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ڪنهن اضافي ڪيمپس کانسواءِ پنهنجي داخلائن کي 40 هزار تائين وڌايو آهي. هن چيو ته حڪومت سيليڪون ويلي ۽ ايمازو?? جي ماهر?? جي نشاندهي ڪيل رڪاوٽن کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن جا تمام بهترين اثر پوندا. صدر چيو ته هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته احساس پروگرام جي ذريعي مستحق عورتن کي امداد انه?? جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ سڌي سنئين منتقل ڪئي وڃي ته جيئن کين مالي آزادي ۽ پئسي تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ٿئي، ڊيٽا جي تحفظ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر يونيورسٽين تي ز??ر ڏنو ته يونيورسٽين کي سائبر سيڪيورٽي ۾ تحقيق ڪرڻي پوندي، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي پاڪستان کي ڪنهن به شيءَ کان وڌيڪ ترقي ڏئي سگهي ٿي ڇو ته نوجوان چار کان پنج سالن ۾ اربين روپيا ڪمايا آهن جنهن کي روايتي ڪاروبار سان ڪمائڻ لاءِ نسلون گهربل آهن.