اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول اڄ جي ڏينهن مطالبو ڪري ها ته ڪرپشن، جعلي اڪائونٽس ۽ ڦ??لٽ ڪندڙن کي نشان عبرت بڻايو وڃي، ڪير وهم ۾ نه رهي، اسان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز هن ڌرتي کي دهشتگردي کا?? پاڪ ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي ??زير فرخ حبيب بلاول زرداري جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي ڪيو. اڄ اسان جو پيارو پاڪستان ان لاءِ مشڪل ۾ آهي ته ماضي ۾ زرداري ۽ شريف فيملي ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو. فرخ حبيب چيو ته بلاول ڀٽو، سنڌ جي عوام کي ذخيره اندوزن، ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇو ڇڏيو آهي؟ مملڪتي ??زير چيو ته سنڌ ۾ انڌير نگري ??رٻٽ راڄ آهي، عوام انهن ڪرپٽ حڪمرانن کان ڇوٽڪارو گهري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آهي، اڄ به 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1500 رپين کان به مهانگو ملي رهيو آهي. فرخ حبيب چيو ته 2023ع جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جو سنڌ ۾ به خاتمو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته بلاول صاحب، پنهنجي اين آر او سٽيل زرداري ??ي به سمجهايو ته اين آر او وٺڻ جي لاءِ ڪوششون بند ڪري. مملڪتي ??زير چيو ته بلاول ٻڌائي ته 13 سالن ۾ اهڙو ڪهڙو وڏو ڪم سنڌ جي عوام جي لاءِ ڪيو آهي؟