اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اي ڪامر?? جي وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، دنيا ۾ ڪاروبار جو مستقبل ٽيڪنالاجي جي بني??د تي اي ڪامرس پليٽ فارم سا?? واڳيل آ??ي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن ينگ انٽر پرينيورز/ اسٽارٽ اپ?? جي اجلا?? جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اي ڪامر?? جي اهميت ??و ادراڪ ڪندي ان جي گروٿ ۾ هر قسم جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن اسٽارٽ اپ?? جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ان سا?? اسان جي نوجوان آبادي جي لاءِ نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ٿي رهيا آهن جيڪا دنيا جي ٻي وڏي نوجوان آبادي آهي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اسٽارٽ اپس کي ڪيپيٽل گين ٽيڪس، ڊيجيٽل سگنيچرز، انٽيليڪچوئل پراپرٽي رائيٽس ۽ عيرملڪي سڌوسنئون سيرپڪاري کي پرڪشش بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اي ڪامرس بي مثال رفتار سا?? ترقي ڪري رهي آهي، هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر جي ويليو ۾ 2021ع ۾ پاڪستاني اسٽارٽ اپ?? جي سيڙپڪاري 37 ڪروڙ 50 لک ڊالر تائين وڌي. اهم اسٽارٽ اپس ۾ اي ڪامرس، لاجسٽڪ، فنٽيڪ ۽ هيلٿ ٽيڪ شامل آ??ن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي خاص معاون ۽ سياسي معاملن واري ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين ظفر احسن، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد، ايس ٽي زيڊ اي جي چيئرمين عامر هاشمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.