اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) ڪابينا ڊويزن اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي اضافي چارج ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪ??ي ڇڏيو جنهن کانپوءِ اطلاعات ۽ قانون وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قانون ۽ انصاف واري وزارت جو اضافي عهدو سنڀالي ورتو. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قانون ۽ انصاف واري وزارت جو دورو ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ وزارت جي ٻين عملدارن اطلاعات ۽ قانون وار?? وفاقي وزير جو وزارت اچڻ تي استقبال ڪيو. قانون واري وزارت جي سيڪريٽر?? وفاقي وزير کي وزارت جي معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان اطلاعات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي قانون ۽ انصار واري وزارت جي اضافي چارج ڏني هئي.