اسلام آباد – 13 211; ??ئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف عل??ي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي شاهي خاندان ۽ گڏيل عرب امارات جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪ??و ۽ مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني قوم گڏيل عرب امارات جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن شيخ خليفه بن زيد النهيان جي مسلمان امت ۽ پاڪ – يو اي اي دوستي جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر چيو ته اڄ پاڪستان هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو.