اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خميس ڏينهن حريت اڳواڻ ياسين م??ڪ جي گهرواريءَ سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسلام آب??د ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو، اسپيڪر ان م??قعي تي چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ڀارت پاران ياسين م??ڪ جي سزا جي پرزور مذمت ڪري ٿي ۽ ان سزا جي خلاف سراپا احتجاج آهي، مشعال ملڪ ۽ سندس فيملي سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستا?? جي پارليامينٽ پاران ياسين م??ڪ جي سزا جي خلاف متفقه طور تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وڃي، مذمتي قرارد??د ۾ ڀارتي عدالت جي فيصلي کي متعصباڻو ۽ انصاف جي گهرج?? جي منافي قرار ڏنو ويو آهي، پارليامنيٽ ۽ عوام سدائين ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، ڀارتي عدالت جو هڪ طرفو فيصلو ياسين م??ڪ ۽ ڪشميري عوام جي حريت واري جذبي کي دٻائي نٿو سگهي، ??اجا پرويز اشرف چيو ته ياسين م??ڪ جي خلاف عدالتي فيصلي ڀارت جي نام نهاد عدالتي نظام کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ياسين م??ڪ قيد جون صعوبتون برداشت ڪري حق ۽ س?? جي جهنڊي کي بلند ڪيو آهي، ڪشمير جي مسئلي تي سڀئي سياسي پارٽين هڪ موقف رکن ٿيون ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪريون ٿا. هن م??ڊيا تي زور ڏنو ته ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستا?? جي پارليامينٽ پاران ڪشمير جي مسئلي کي عالمي فورمز تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، پاڪستاني ۽ ڪشميري عوام ۾ رت جو رشتو آهي ۽ سڄي قوم جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، ??هڙي طرح هر رات کانپوءِ صبح ٿيندو آهي، ??هڙي طرح والاريل ڪشمير وادي ۾ به آزادي جو سج جلد اڀرندو، مشعال ملڪ اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو د??رو ادا ڪندي چيو ته ڀارت جي نام نهاد عدالت پاران انصاف جي نظام جو گلو د??ايو ويو آهي، مودي حڪومت گانڌي جي سيڪيولر ڀارت جي نظريي کي دفن ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀارت ۾ ڪا به اقليت محفوظ نه آهي، نيسلن م??ڊيلا جي فيملي کي ان سان م??ڻ جي اجازت هئي پر مون کي ۽ منهنجي ڌيءَ کي اهو حق حاصل نه آهي، هن چيو ته آئون اميد ڪريان ٿي ته پاڪستا?? جي پارليامينٽ ياسين م??ڪ جي سزا خلاف يڪجهتي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائيندي، منهنجي ۽ منهنجي ڌيءَ جي خلاف به ڀارت ۾ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.