دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي ف??ر آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ قطر 2023ع ج?? آفي??ل مئچ بال ”الريحلا“ پاڪستان ۾ ٺاهي?? ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيفا ورلڊ ڪپ اسٽيڊيم 974 جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي روڊ ڪپ جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. اسٽيڊيم پهچڻ تي وزيراعظم کي اسٽيڊيم جو گائيڊيڊ دورو ڪراي?? ويو ۽ کيس فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع ج?? ميزباني جي لاءِ قطر جي حڪومت پاران ڪيل وسيع تيارين بابت ٻڌاي?? ويو. وزيراعظم دنيا جي سڀ کان وڏي راندين جي ايونٽ جي لاءِ جديد ترين سهولتون قائم ڪرڻ ۾ قطر جي ڪوششن کي ساراهيو. هن فٽ بال اسٽيڊيم جي شان ۽ شوڪت ۽ ان سان واڳيل سهولتن کي ساراهيو جنهن ۾ قطري ثقافت ۽ سڃاڻپ جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم قطر جي عوام ۽ قيادت کي مگا ايونٽ منعقد ڪرڻ ۾ شاندار ڪاميابي جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ورلڊ ڪپ بابت بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ني?? کي ان حقيقت تي ف??ر آهي ته فٽ بال ”الريحلا“ فيفا ورلڊ ڪپ قطر 2023ع ج?? آفي??ل مئچ بال پاڪستان ۾ ٺاهي?? ويو آهي.