اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا/ ڊ?? اي پي جي ڪا به کوٽ ناهي، موجود ذخ??را ملڪي ضرور?? لاءِ ڪافي آهن. اين ايف آر سي سي جي اجلاس ۾ رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال، نيشنل ڪو آرڊينيٽر اين ايف آڙ سي سي ليفٽيننٽ جنرل م??مد ظفر اقبال ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ جي گڏيل صدارت ۾ منعقد ٿيو. اين ايف آر سي سي کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ربيع جي فصل لاءِ يوريا/ ڊ?? اي پي وڏي مقدار ۾ موجود آهي. جڏهن ته ڪڻڪ جا ذخ??را به ملڪي ضرور?? لاءِ ڪافي آهن. احسن اقبال هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون يوريا/ ڊ?? اي پي ذخ??رو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن.نيشنل فوڊ سيڪيورٽ?? اينڊ ريسرچ وزارت جي سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ ناهي ۽ موجود ذخ??ره ملڪي ضرورتن لاءِ ڪافي آهن. هن وقت قومي سطح تي 6215327 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ذخ??رن ۾ پنجاب وٽ 3067435 ميٽرڪ ٽن، سنڌ وٽ 865584 ميٽرڪ تن، خيبر پختونخ??ا وٽ 96282 ميٽرڪ ٽن، بلوچستان وٽ 49630 ميٽرڪ ۽ پاسڪو وٽ 23630 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت جو تعين ٻج، ڀاڻ سميت پيداواري لاڳت کي ڏسي ڪيو ويندو آهي ته جيئن آبادگارن کي مناسب منافعو ملي سگهي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ج?? ايڊيشنل سيڪريٽري فورم کي ٻڌايو ته ربيع جي فصل لاءِ يوريا/ ڊ?? اي پي جي گهربل مقدار ملڪ ۾ دستياب آهي ۽ ڪنهن به قسم جي کوٽ ناهي. 300000 ميٽرڪ ٽن ڀاڻ جي درآمد جو ٽيندڙ پهرين ئي عمل هيٺ آهي. هن چيو ته ربيع جي فصل لاءِ 3870000 ميٽرڪ ٽن ڀاڻ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندي جڏهن ته هن وقت ڀاڻ ڪمپنين وٽ به 374479 ميٽرڪ ٽن جا ذخ??را موجود آهن. احسن اقبال هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه آبادگارن کي ڀاڻ جي بروقت ۽ گهٽ قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته لاڳاپيل عملدار يوريا/ ڊ?? اي پي جا ذخ??ره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن. اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر آبادگارن کي ربيع جي فصلن لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي جي عمل جو به جائزو ورتو ويو. فورم صوبائي حڪومتن کي ٻج جي فراهمي لاءِ تحصيل/ تعلقه جي سطح تي سهولتي مرڪزن جي قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ جون به هدايتون ڪيون.