شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان مصر جي ??هر شرم الشيخ ۾ منعقد ٿيندڙ ڪوپ – 27 سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل پاران يڪجهتي جي ??ظهار ۽ پاڪستان جي لاءِ وڏي پئماني تي تعاون جي ??پيل کي ساراهيندي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي موسمياتي تبديلي جي ڪري درپيش چئلينج جو واضح اظهار آهي. وزيراعظم موسمياتي انصاف ۽ ماح??لي????ي يڪجهتي جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي مطالبي جي پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوسٽ ڊيزاسٽر نيڊز اسسمنٽ موجب ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو 32 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي جيڪو پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو اٽڪل 10 سيڪڙو بڻجي ٿو، پاڪستان کي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??مام وڏي ڪم جي لاءِ پائيدار ترقي جي ماڊل جي ??نياد تي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ خاطرخواهه عالمي تعاون جي ??رورت پوندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان يڪجهتي جي ??ظهار لاءِ گذريل مهيني گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي قرارداد جي منظوري جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان سمورن ترقياتي حصيدارن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ”ڊونرز ڪانفرنس“ گهرائڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم گڏيل قومن پاران پاڪستان کي تجويز ڪيل ڪانفرنس ۾ هڪ ٺوس بحالي ۽ نئين سر تعمير جو منصوبو تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ انٽر ايجنسي ٽيم جي ??وڙجڪ کي پڻ ساراهيو جنهن جي قيادت ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڪندو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي ڪانفرنس عالمي برادري جي لاءِ هڪ وقت سر موقعو آهي ته اها ماح??لي??تي تبديلي جي ??ثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماح??لي??تي انص??ف کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ برابر ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل قدم کڻي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪوپ – 27 جي ??جلاس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻ هڪ اهم ”ڊيليوريبل“ هوندو. پاڪستان جي گروپ جي – 77 ۽ چين جي ??ربراهه هجڻ جي ??يثيت سان ڪوپ – 27 اتفاق راءِ سان ”لاس اينڊ ڊميج فنانس“ تي هڪ ايجنڊا ائٽم کي شامل ڪرڻ جي ??جويز سان اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سيڪريٽري جنرل جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات کانپوءِ ”پاڪستان پويلين“ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ٿي.