اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان عملدارن تي زور ڏنو آهي ??ه اهي افغانستان ۾ شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم جي معطلي جي فيصلي تي نظرثاني ڪن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ??ي افغانستان جي شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم جي معطلي ب??بت ڄاڻي مايوسي ٿي آهي. ترجمان چيو ??ه ان معاملي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي ۽ اسان جو پڪو يقين آهي ته هر مرد ۽ عورت ??ي اسلام جي حڪمن موجب تعليم حاصل ڪرڻ جو فطري حق حاصل آهي. بيان ۾ افغان عملدارن تي زور ڏنو ويو آهي ??ه اهي ان فيصلي تي نظرثاني ڪن.