اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فور?? جي اجلاس جي موقعي تي بيلجيئ?? جي پرڏيهي وزير حدجه لهبيب سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته کيس ڊيووس ۾ بيلجيئ?? جي پرڏيهي وزير سان ملي خوشي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ۾ بيلجيئم پاران پاڪستان جي ٻوڏ م??اثرين جي لاءِ فراهم ڪيل تعاون کي ساراهيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن معاملن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ملاقات دوران اقتصادي واپاري، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي ت??اون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو ويو.