اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي فارن سر??س آفيسرن سڄي دنيا ۾ پاڪ??تا?? جو موقف بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ماحولياتي تبديلين بابت موقف تي سڄي دنيا پاڪ??تا?? سان گڏ هئي، جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪ??تا?? ڪانفرنس جي موقعي تي عالمي برادري اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، مشڪل وقت ۾ دنيا پاران ساٿ ڏيڻ اسان جي بهترين پرڏيهي پاليسي جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فارن سر??س اڪيڊمي ۾ 42 هين اسپيشلائيزڊ ڊپلوميٽڪ گريجوئيشن ڪورس جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? ماحولياتي تبديلين بابت هر فورم تي آواز اٿاريو ?? سڄي دنيا پاڪ??تا?? سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي پرڏيهي پاليسي کي ملڪي مفادن موجب ٺاهيون ٿا. اسان کي پرڏيهي پاليسي سان گڏوگڏ هر ميدان ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي فروغ ڏيڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ??تا?? ۾ گذريل سال ايندڙ خوفناڪ ٻوڏ کانپوءِ چين ۽ آمريڪا سميت مختلف ملڪن اسان جي ڀرپور مدد ڪئي، جنهن کانپوءِ جنيوا ۾ ماحولياتي تبديلين بابت ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪ??تا?? ڪانفرنس جي موقعي تي دنيا اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. هن چيو ته پاڪ??تا?? ماحولياتي تبديلين بابت هر فورم تي آواز بلند ڪيو. پرڏيهي پاليسي کي ملڪي مفاد موجب ٺاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي لاءِ تقريب ۾ شرڪت اعزاز جو سبب آهي. هن نوجوان سفارتڪارن کي ڪورس مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڊا??ري??ٽر جنرل فارن سر??س اڪيڊمي ۽ ان جي ٽيم به مبارڪباد جي مستحق آهي، جنهن ڪورس منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته فارن سر??س اڪيڊمي عالمي معيار جا سفارتڪار تيار ڪيا آهن. فارن سر??س اڪيڊمي ۾ پاڪ??تا?? کانسواءِ دوست ملڪن جي سفارتڪارن کي به تربيت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ملڪي ۽ عالمي سطح تي مشڪلاتن جي باوجود اڳتي وڌي رهيو آهي. اتحادي حڪومت پنهنجي مختصر عرصي ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جنهن ۾ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان پاڪ??تا?? جي نڪرڻ کانسواءِ ڪوپ 27 ۾ ڪاميابي سان ماحولياتي تبديلين بابت هدف حاصل ڪرڻ کانسواءِ پاڪ??تا?? کي جي 77 پلس چائنا گروپ جي سربراهي جو اعزاز به حاصل رهيو. هن چيو ته موجوده حڪومت سڀني عالمي پارٽنرز سان لاڳاپن کي فروغ ڏنو. جڏهن ته جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪ??تا?? ڪانفرنس جو انعقاد پاڪ??تا?? جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو مثال آهي. پرڏيهي وزير فارن سر??س اڪيڊمي مان تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ٻين شريڪ ٿيندڙن کي جيو پوليٽڪس، يوڪرين تڪرار ۽ دنيا کي هن وقت درپيش مسئلن سان گڏوگڏ اتحادي حڪومت جي ڪاميابي بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته گذريل سال خوفناڪ ٻوڏ سان اولهه کان اوڀر تائين دنيا پاڪ??تا?? سان گڏ بيٺل رهي. آمريڪا ۽ چين به مشڪل وقت ۾ پاڪ??تا?? جو ساٿ ڏنو. وچ اوڀر جي ملڪن سميت اسلامي ملڪن ۽ يورپي يونين کانسواءِ آسيان ملڪن به پاڪ??تا?? جو ساٿ ڏنو، جيڪا ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته گهٽ وسيلن ۽ وڌيڪ محنت سان پاڪ??تا?? جي سفارتڪارن پنهنجون صلاحيتون مڃرايون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي جديد ڪميونيڪشن، ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو، جڏهن ته فارن سر??س کي نئين گهرجن سان هم آهنگي ڪرڻ سان گڏوگڏ ايڪسپورٽ مارڪيٽ کي ڳولڻ جي به ضرورت آهي. فارن سر??س کي انتظامي ۽ ٻين شعبن ۾ بهتر بڻائڻ وقت جي گهرج آهي. پاڪ??تا?? جي سفارتڪارن کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا سان به هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته فارن سر??س اڪيڊمي ۾ نوجوان سفارتڪارن جي تربيت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هڪ سفر ختم ٿيو آهي، جڏهن ته انهن جي لاءِ هڪ نئين سفر جي شروعات ٿي آهي. پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته فارن سر??س اڪيڊمي اهڙا نوان گريجوئيٽس تيار ڪندي، جيڪي هر لحاظ کان قابل هوندا. تقريب جي پڄاڻي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فارن سر??س اڪيڊمي مان فارغ ٿيندڙ گريجوئيٽس ۾ سر??يفڪيٽس ۽ ميڊلز ورهايا. ان کان اڳ فارن سر??س اڪيڊمي جي ڊا??ري??ٽر جنرل اڪيڊمي اچڻ تي پرڏيهي وزير ۽ ٻين مهمانن جي آجيان ڪندي انهن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي پرڏيهي وزارت جي آفيسرن جي تربيت جي لاءِ هي ادارو اهم خ??مت??ن سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ نئين گريجوئيٽس جي لاءِ تربيتي پروگرام انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اڄ جي پروگرام ۾ 21 گريجوئيٽس کي سر??يفڪيٽس ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته اداري کي مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.