لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب ملاقات دولت مشترڪه جي نئين سربراهه ڪنگ ??ار??س ٽي جي آجيان ڪرڻ جي لاءِ لنڊن ۾ منعقد دولت مشترڪه جي اڳواڻن جي تقريب جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائي ته پاڪست??ن سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهش??ند آهي ته جيئن تنظيم کي ماحولياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي ڪردار کي وڌائڻ جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڏهين ڪامن ويلٿ وزارتي اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس پاڪستان ۾ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري ملتوي ڪيو ويو هو، ٻوڏ سان پاڪستان جي معيشت ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو هو. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي باضابطا دوري جي پڻ دعوت ڏن??. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جلد پاڪستان جو دور?? ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.