اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سا?? پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين ??ائين پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا سا?? ڳالهائيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آفريقي واپارين ??ي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. پرڏيهي وزير ??يٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سا?? ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ??ول??ه ٿي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري گذريل رات ڪراچي ۾ پنهنجي ايٿوپين هم منصب سا?? گڏ ايٿوپين ??يئرلائينز جي پاڪستان جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سا?? پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين ??ائين پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. هن چيو ته آفريقي واپارين ??ي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جو سفارتخانو قائم ڪرڻ جي به آجيان ڪئي. هن چيو ته سندس ناني ذوالفقار علي ڀٽو ايٿوپيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو کوليو هو.