اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ??يب?? جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن کي ??عليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ??يب?? کي ??تم ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻارن جي پورهئي (چائيلڊ ??يب??) جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن چائيلڊ ??يب?? جي خاتمي ۽ ان بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملهايو پيو وڃي، ٻارن کان پورهيو عالمي سطح تي درپيش هڪ وڏو چئلينج آهي، گڏيل قومن موجب دنيا ۾ اٽڪل 16 ڪروڙ ٻار پورهئي تي مجبور ۽ هر 10 مان هڪ ٻار مزدوري ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ عالمي سطح تي چائيلڊ ??يب?? ۾ گهٽتائي آئي تنهن هوندي به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضر??رت آهي، سماجي انصاف جي فروغ سان ٻارن جي پورهئي جي چئلينج تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته چائيلڊ ??يب?? جي خاتمي لاءِ ان جي بنيادي سببن تي ضابطو آڻڻو پوندو، غربت، جنگ، دهشتگردي ۽ تعليم تائين پهچ نه هجڻ به چائيلڊ ??يب?? جا وڏا سبب آهن. صدر چيو ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن کي ??عليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ??يب?? جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، غربت جي ڪري گهٽ عمر ۾ ئي ٻار پورهيو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چائيلڊ ??يب?? جي ڪري ٻار پنهنجي ٻاروتڻ، تعليم ۽ صحت کان محروم ٿي وڃن ٿا، پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 27 ملين ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. صدر چيو ته پاڪستا?? ۾ ??ائيلڊ ??يب?? جي خاتمي لاءِ قانون موجود آهن جن تحت ٻارن کان پورهيو وٺڻ تي پابندي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي پورهئي جي حو??لا شڪني ۽ انهن کي ??عليم طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ تعليمي وظيفا ڏنا پيا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ??يب?? جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت، معاشري، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ميڊيا، واپاري ۽ نجي شعبي سميت معاشري جا سمورا طبقا چائيلڊ ??يب?? جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.