اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاران پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال جي بهتري جو اعتراف موجوده حڪومت جي صحيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو 15 مهينن دوران پاڪستان ??ندروني ۽ ٻاهرئين سطح تي هڪ کانپوءِ هڪ ڪاميابين جا سنگ ميل عبور ڪيا، ملڪ کي ڊي??الٽ کان ??چايو، آءِ ايم ايف سان ??سٽاف ليول معاهدو بحال ڪيو، فيٽف جي گري لسٽ مان ڇوٽڪارو ??لي??، عالمي فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان ??ي 7 درجا بهتري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي ريٽنگ جي اداري فچ (FITCH) پاڪستان ??ي ريٽنگ وڌائي CCC ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ان ڏس ۾ نمايان ??هتري آئي آهي. ڪائونسل جو اهو چوڻ ته پاڪستان ??نساني حقن جي بهتري لاءِ پختي سياسي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو موجوده حڪومت جي صحيح رخ ۾ صحيح قدمن جو اعتراف آهي. چار سال جي تباهي، بدنامي، رسوائي ۽ گندگي جي صفائي جاري آهي، سموريو?? ڪوڙيون، سازشي عالمي پروپئگنڊاز زمين بوس ۽ سدائين جي لاءِ دفن ٿي ويون آهن.